سنهڙو ديهه

سنهڙو (ديهه): هي ديهه تپي لانڍي تعلقي ڪراچي يونين ڪائونسل لانڍي ۾ آهي. هي زرعي علائقو آهي، ملير ۽ سڪڻ نئين جي ڪناري تي آهي. حاجي شيدي ڳوٺ ۽ ڄام ڪنڊو هن ديهه ۾ شامل آهن. سڪڻ نئين جو کاٻو پاسو، لاشاري ڳوٺ کان وٺي موسيٰ جوکيي ڳوٺ تائين وارو علائقو هن ديهه ۾ اچي ٿو. سنهي ليڪ وانگر هئڻ ڪري هن ديهه تي ’سنهڙو‘ نالو رکيو ويو. ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ گهوٽڪي تعلقن ۾ به هن نالي سان ديهون موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو